باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترقي يافته ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳتي اچڻو پوندو، اسرندڙ ملڪن کي موسمياتي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ترقي يافته ملڪ?? جي مدد گهرجي، اسرندڙ ملڪن کي اين ڊي سيز تي عملدرآمد جي لاءِ 2030ع تائين 6.8 ٽريلين ڊالر گهربل هوندا، گلوبل ڪلائميٽ فنانس فريم ورڪ جي نئين سر تعي?? جي ضرورت آهي. پاڪستا?? جي ميزباني ۾ ڪلائميٽ فنانس گول ميز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ان اهم ڪوپ 29 گول ميز ڪانفرنس ۾ سمورن شرڪت ڪندڙن ??ي آجيان ڪريون ٿا جن ان اهم نوعيت جي ڪانفرنس جي لاءِ وقت ڪڍيو، ان ڪانفرنس جو مقصد پراڻا معاملا جيڪي هاڻي مُشڪل ٿي ويا آهن، انه?? جي حل لاءِ نئين سوچ ۽ راهون ڳولڻيون آهن، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قوم?? جي فريم ورڪ تي عمل ڪرڻو پوندو، اسرندڙ ملڪن کي اين ڊي سيز تي پنهنجي عوام جي لاءِ خدمتون ڏيڻيون پونديون. وزيراعظم چيو ته اسرندڙ ملڪن کي 2030ع تائين اين ڊي سيز جي اڌ تي عملدرآمد جي لاءِ 6.8 ٽريلين ڊالر گهربل هوندا، ڊونرز ملڪن کي پنهنجي ترقياتي امداد جا واعدا پورا ڪرڻا پوندا، ڪوپ 15 ۾ هڪ ارب ڊالر فنانسنگ جا واعدا ڪيا و??ا جڏهن ته ان ۾ رڳو 160 ملين ڊالر فراهم ڪيا و??ا. وزيراعطم چيو ته پاڪستان به ٻين اسرندڙ ملڪن وانگر موسمياتي تبديلي کان شديد متاثر ٿيو آهي ۽ ان کي ويجهي ماضي ۾ ٻن وڏين ٻوڏن کي منهن ڏيڻو پيو جنه?? جي بحالي جو سلسلو اڃا به جاري آهي، 2022ع ۾ پاڪستا?? جي ڪل ايراضي جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر ٿيو جنهن کانپوءِ ان جا سمورا ترقياتي ۽ ڪلائميٽ فنڊ بنيادي ريليف ۽ انساني ڪوشش?? جي لاءِ لڳائڻا پيا، اسرندڙ ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳتي اچڻو پوندو، موسمياتي تبديلي?? جي ڪري اسرندڙ ملڪ شديد مشڪلاتن جو شڪار آهن، گڏيل قوم?? جي فريم ورڪ موجب ا?? جي لاءِ خصوصي فنڊز رکڻا پوندا، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فنانسنگ جي نالي تي قرض جي فراهمي بدران غيرقرضه جاتي حل تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم تجويز ڏني ته يو اين ايف سي سي سي، آءِ ڊي سيز جي هر 15 ڏينهن کانپوءِ جائزي جي لاءِ ڪميٽي جوڙي. وزيراعظم بعد ۾ شرڪت ڪندڙن ??و پاڪستا?? جي دعوت تي ان ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ انهن پاران اهم تجويزن تي ٿورا مڃيا. ان کان اڳ ڪوپ ڪانفرنسن ۾ ڪئي ويندڙ فيصلن، طئي ڪيل هدفن تي موثر عملدرآمد جي ضرورت آهي ته جيئن موسمياتي تبديلي?? جي اثرن کي گهٽ ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته عالمي برادري پاران وقت بوقت ڪلائميٽ فنانسنگ جي واعدن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، ملٽي لٽرل ازم جي روح کي مضبوط بڻايو وڃي، اسرندڙ ملڪن کي ڪلائميٽ فنانسنگ اسرندڙ معيشتن پاران قرض?? جي مد ۾ نه هجڻ گهرجي، لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي وڌائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گڏجي اسان پنهنجي ايندڙ نسلن کي انهن چئلينجن مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهون.