اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي ترجمان هڪ ان??ريزي اخبار ۾ پرڏيهي آفيس سان لاڳاپيل خبر جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان ۾ ”دي نيوز“ اخبار ۾ گ??ريل ڏينهن ڇپيل پرڏيهي وزارت سان لاڳاپيل خبر کي رد ڪندي چيو آهي ته ان معاملي کي صحافتي قدرن ۽ ادارتي معيار جي ??وا??ي سان اخبار جي ايڊيٽرن آڏو اٿاريو ويندو. ترجمان چيو ته اسان ميڊيا کي اهو چئون ٿا ته اهي پرڏيهي وزارت سان لاڳاپيل ڪنهن به خبر کي جاري ڪرڻ کان پهرين ان جي وزارت کان تصديق ڪري وٺن.