اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (ا?? پي پي) پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن (پي ٽي وي) ترڪيه جي سفارتخاني جي تعاون سان ”ورلڊ ترڪش ڪافي ڊي“ ملهايو جنهن ۾ ترڪيه جي شاندار ثقافت ۽ ان جي ??شهور ڪافي جي روايت کي اجاگر ڪيو ويو. تقريب جو مقصد پاڪستان ۽ ترڪيه جي ??چ ۾ مضبوط لاڳاپن کي اجاگر ڪرڻ جي ??اءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ ۽ تاريخي، ثقافتي ۽ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ هو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر پي ٽي وي عنبرين جان، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اسپيشل انيشي ايٽوز ڊاڪٽر دانيال سليم، ڊائريڪٽر نيوز ڊاڪٽر هارون الاهي، انچارج پي ٽي وي ورلڊ نمود مسلم ۽ ڊائريڪٽر ڪرنٽ افيئرز چوڌري محمد سليم سميت نيوز سينٽر جي ??لازمن شرڪت ڪئي. مهمانن جي آجيان ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ ترڪيه جي ??چ ۾ گهري ۽ ويجهي لاڳاپن تي روشني وڌي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي ??چ ۾ پراڻي ۽ مضبوط ڀائيچاري جو رشتو قائم آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ترڪش ڪافي کي ترڪيه جي ??همان نوازي جو حقيقي عڪاس قرار ڏيندي ان يقين جو اظهار ڪيو ته ثقافت ۽ فنون جي شعبن ۾ تعاون سان پاڪستان ۽ ترڪيه جي ??چ ۾ عوام جي سطح تي لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا. پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو ترڪش ڪافي جي تاريخي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته ترڪش ڪافي رڳو هڪ مشروب نه آهي، هي هڪ شاندار روايت آهي جيڪا صدين کان هلندي پئي اچي، ان جي تياري هڪ ڏکيو عمل آهي جيڪو اسان جي ڀرپور ثقافتي ورثي جو اظهار آهي. هن چيو ته ترڪش ڪافي گانن ۽ شاعري کي پڻ متاثر ڪيو آهي ۽ ان کي اسان جي تاريخ هڪ نمايان علامت بڻائي ڇڏيو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ پي ٽي وي جي ??ئنيجنگ ڊائريڪٽر عنبرين جان ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ گڏيل ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپن تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي ??چ ۾ ثقافتي، تاريخي ۽ گهرا مذهبي رشتا موجود آهن جيڪي هاڻي گهري اقتصادي لاڳاپن ۾ تبديل ٿي رهيا آهن. ڪافي جي گڏيل محبت اسان کي وڌيڪ ويجهو آندو آهي جيڪا اسان جي گڏيل ثقافتي تع??يف جي عڪاسي ڪري ٿي. تقريب ۾ شريڪ مهمان ترڪيه جي ڪافي مان لطف اندوز ٿيا ۽ ان کي ترڪيه جي ??همان نوازي جو حقيقي تجربو قرار ڏنو. واضح رهي ته پي ٽي وي ثقافتي سفارتڪاري ۽ گڏيل روايتن جي ذريعي عالمي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ پرعزم آهي. ورلڊ ترڪش ڪافي ڊي جهڙيون تقريبون پاڪستان ۽ ان جي اتحادين جي ??چ ۾ بامعنيٰ رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ رياستي نشرياتي اداري جي ڪردار جي توثيق ڪن ٿيون.