اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ تاجڪستان ٻه طرفي واپار زراعت، تعليم، صنعت ۽ توانائي جي شعبن ۾ ٻه طرفن ناتن کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي گڏيل وزارتي ڪميشن جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد لاءِ قدمن سان اتفاق ڪيو آهي. اهو فيصلو ٻنهي ملڪن جي گڏيل وزارتي ڪميشن جي اجلاس ۾ ڪيو ويو جيڪو ڪالهه توانائيءَ واري وزير سردار اويس احمد خان لغار?? ۽ ??اجڪستان جي توانائي واري وزير ديلر شوفاڪر ۾ ٿيو. اجلاس جي شروعات تي اقتصادي معاملن بابت سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ واپار، توانائي، بنيادي ڍانچ?? ۽ ??راعت جهڙن شعبن ۾ سهڪار جي وڏي گنجائش آهي. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط تاريخي، ثقافت?? ۽ ??اگرافيائي ناتن تي زور ڀريو. ڊاڪٽر نياز 23-2022ع ۾ 23.46 ملين ڊالرن جي معمولي ٻه طرفي واپاري ڳاڻيٽي جي نشاندهي ??ئي ۽ ايندڙ وقت ۾ پاڪ- تاجڪ بزنس ٽو بزنس فورم جو ذڪر ڪندي وڌيڪ واپاري موقعا تلاش ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن گڏيل ورڪنگ گروپس ذريعي خاص طور تي واپار، ٽرانسپورٽ ۽ توانائي جي سهڪار ۾ ٿيل اڳڀرائيءَ تي به زور ڀريو ۽ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ نتيجو ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ جي اميد جو به اظهار ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي ناتن جي مضبوطيءَ لاءِ ٻنهي ملڪن جي واپار لاءِ 13 ڊسمبر تي بزنس ٽو بزنس فورم جو اهتمام ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري تاجڪ وفد جي آجيان ??ئي ۽ پاڪستان، تاجڪستان وچ ۾ پُراڻي، ويجه?? ۽ ??وشگوار ناتن تي زور ڀريو. هن تاريخي ناتن تي روشني وِجهندي چيو ته پاڪستان 1991ع ۾ تاجڪستان جي آزاديءَ کي تسليم ڪرڻ وارو پهريون ملڪ هو ۽ ٻنهي ملڪن گڏيل مذهبي، تاريخ?? ۽ ??قافتي طور تي جڙيل آهن. اويس لغاري ٻنهي ملڪن لاءِ واپار، توانائي، زراعت ۽ صنعت لاءِ فا??ديمند شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار وڌائڻ جي پاڪستاني عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن تاجڪستان پاڪستان عارضي واپاري معاهدي تحت جاري واپار کي هٿي ??يڻ?? رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ تي گڏيل رابطه ڪميٽيءَ جي قيام لاءِ لائحه عمل تيار ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. وفاقي وزير وچ ۽ اولهه ايشيا جي سنگم تي پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته پاڪستان ۾ تاجڪ سيڙپڪاري لاءِ مثالي موقعا فراهم ڪيا ويندا جڏهن ته ان سان گڏوگڏ سينٽرل ايشيا ريجنل اڪنامڪ ڪوآپريشن پروگرام ڪاريڪ تحت واپاري راهدارين ۾ سهولت فراهم ??ئي ويندي. وفاقي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪاسا 1000 توانائي منصوبو تيزيءَ سان پورو ٿيندو ۽ ٻنهي ملڪن کي خاطرخواه فا??دو پهچندو. ماڻهن وچ ۾ ناتن جي اهميت کي تسليم ڪندي هن سياحت ۽ ثقافتي مٽاسٽا وڌائڻ تي زور ڀريو ۽ تاجڪ شهرين کي پاڪستان جو قدرتي حسن کي ڏسڻ جي دعوت ڏني. هن آخر ۾ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ڪميشن جي ڳالهين مان ٻه طرفن ناتن کي مضبوط بنائڻ ۽ اقتصادي ناتا گهرا ڪرڻ لاءِ ٺوس سفارشون سامهون اينديون. تاجڪستان جي وزير پنهنجي خطاب ۾ پنهنجي ۽ وفد جي شاندار آجيان ۽ مهمان نوازي تي پاڪستان حڪومت جو دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪيو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط تاريخي ناتن کي تسليم ڪيو جيڪو گڏيل قدرن، ثقافتي ورث?? ۽ ??لائقائي خوشحالي لاءِ گڏيل ويزن تي قائم آهي. وزير دير شوفاڪر ٻه طرفن ناتن ۾ نمايان اڳڀرائي کي تسليم ڪندي ساراهيو. هن خاص طور تي توانائي، زراعت، تعليم ۽ صنعت جهڙن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار ۽ گڏيل فا??دن جي بي پناهه امڪانن تي زور ڀريو. تاجڪ وزير چيو ته اميد آهي ته ڪاسا هزار توانائي منصوبو تيزيءَ سان مڪمل ٿيندو جنهن سان ٻنهي ملڪن کي خاطرخواه فا??دو ٿيندو. پاڪستان تاجڪستان گڏيل ڪميشن جي پهرين ڏينهن اجلاس ۾ اڳڀرائي ٿي جنهن ۾ مفاهمت جي ٻن تاريخي يادداشتن (ايم او يوز) ۽ پروٽوڪولز تي صحيح ڪئي. پهريون ايم او يو ڪي پي ڪي صوب?? ۽ ??اجڪستان جي ختلون صوبي وچ ۾ تاريخي ڀائيواري کي هٿي ڏيڻ آهي جنهن سان تع??ون ۽ گڏيل ترقيءَ جي راهه هموار ٿيندي. ٻي ايم او يو سان پاڪستان ۽ تاجڪستان فوٽ بال فيڊريشنز وچ ۾ تع??ون کي هٿي ملندي، جيڪا ٻنهي ملڪن ۾ راندين جي منظرنامي کي بلند ڪرڻ لاءِ تيار آهي. گڏيل ڪميشن جي گڏيل سربراهن سردار اويس لغار?? ۽ ??يلر شوفا ڪر اقتصادي تع??ون وڌائڻ ۽ واپاري مسئلن جي حل جي حڪمت عملي طئي ڪرڻ لاءِ نوڪيلائي ۾ ملاقات ??ئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن ۾ ترق?? ۽ ??وشحالي جون نيون راهون کولڻ ۽ گڏيل لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم تي زور ڀريو ويو.