اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان شام جي خلاف اسرائيلي جارحيت ۽ شامي سرزمين تي غيرقانوني قبضي ۽ شام جي بنيادي ڍانچي ۽ شهري ۽ فوجي ٺڪ??ڻن جي وڏي پئماني تي تباهي تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته شام جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي اهو ??مل?? عالمي قانون جي سنگين خلاف ورزي آهي. هن چيو ته اسان شام جي خودمختياري ۽ لائقائي سالمي?? جي حمايت جو اظهار ڪريون ٿا ۽ طاق?? جي ذريعي اسرائيل جي قبضي کي رد ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 497 جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا، جيڪو گولان جي جبلن تي اسرائيل جي الحاق کي ”باطل ۽ عالمي قانوني اثر کانسواءِ“ قرار ڏي ٿو. هن چيو ته پرڏيهي آفيس ۽ شام ۽ لبنان ۾ اسان جا مشنز شام ۾ پاڪستانين جي وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ سرگرم عمل آهن. ترجمان چيو ته اٽڪل 475 پاڪستاني بشمول 250 زائرين شام جي سرحد عبور ڪري لبنان پهچي چڪا آهن، ان??ن کي بيروت کان اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته اسان شام ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهرين جي حفاظت سان واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ لبنان جي حڪومت پاران ڏني ويندڙ حمايت کي ساراهيون ٿا.