اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي)قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوي?? حسين سان ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي مل??ن وچ ۾ زرعي تعاو?? کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين اسٽريٽجڪ اڪنامڪ فريم ورڪ (ايس ايس ايف) تحت حصيداري جا نوان موقعا ڳولڻ ۽ زرعي واپار ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي وزير پاڪستان جي اعليٰ معيار جي زرعي مصنوعات، جهڙوڪ چانور، ڪڻڪ، انب ۽ خشڪ ميوي جي فراهمي جي صلاحيت کي اجاگر ڪيو. هن ترڪيه کي ان مصنوعات جي روانگي واپار وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان ٻنهي مل??ن جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ملاقات دوران زرعي تعاون ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۾ اضافو، ترڪيه لاءِ چانور، ڪڻڪ، انب جي مصنوعات جهڙي معياري شين جي روانگي واپار وڌائڻ، زرعي ميڪانائزيشن، آبي زراعت ۽ جديد آبپاشي نظام جا گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ جي منصوبن سميت عالمي (صحت ۽ نباتاتي معيار) معيار تي عملدرآمد جي ذريعي واپاري لاڳاپا مضبوط بنائڻ تي زور ڀريو ويو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ زراعت ۽ چوپائي مال جي شعبي ۾ ترڪيه جي سيڙپ??ار?? لاءِ هر ممڪن سهولتن جي فراهمي لاءِ پرعزم آهيون، ملاقات دوران ٻنهي مل??ن زرعي پيداوار ۽ واپار کي بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ عملي منصوبو تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ترڪيه جي سفير پاڪستان جي اعليٰ معيار جي زرعي مصنوعات کي ساراهيندي زراعت ۽ چوپائي مال جي شعبي ۾ معاشي لاڳاپ?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. وفاقي وزير راڻا تنوي?? حسين پاڪستان جي زرعي شعبي جي مڪمل صلاحيت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ترڪيه سان ڊگهي ??دي واري حصيداري جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جنهن سان ٻنهي مل??ن لاءِ معاشي موقعا پيدا ٿيندا.