اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر ب??بر اعوا?? چيو آهي ته غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي، ان ڏينهن کي استحصال جي ڏهاڙي طور ملهايو پيو وڃي، ڪشمير جا ماڻهو غاصباڻي فوجي طاقت مان ڇوٽڪارو چاهين ٿا، عالمي برادري ڀارت تي زور ڏي ته هو ڪشمير مان نڪري وڃي. هن چيو ته سينيٽ جو اج??اس طلب ڪيو ويو آهي. اج??اس ۾ هڪ رٿ پيش ڪندس، اج??اس ۾ ڪشمير کانسواءِ ڪا سياسي ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، سينيٽ اج??اس جي ٽي نقاطي ايجنڊا آهي. هن چيو ته ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏنو وڃي، ڀارت ڪشمير مان نڪري وڃي. ڊاڪٽر ب??بر اعوا?? چيو ته پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو ۽ اسان جي آخري منزل ڪشمير بڻجندو پاڪستان آهي، ان ڏس ۾ اسلام آباد جي ڪشمير هاءِ وي جو نالو تبديل ڪري سري نگر هاءِ وي رکيو ويو آهي.