اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته سبسڊيز جي نظام کي منظم ۽ موثر بڻايو وڃي ته جيئن سر??اري خزاني مان ڏنل امداد نه رڳو مستحقن تائين پهچي پر ان مان گهربل نت??جا حاصل ٿين، نظام ۾ بهتري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن ان ??والي سان ??وامي مفادن ۾ فيصلا ڪري انهن تي ??ملدرآمد ڪري سگهجي، هو هتي ??ڪومتي ??بسڊيز جي نظام کي منظم ۽ موثر بڻائڻ جي حوالي سان ??جلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير حماد اظهر، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اداره جاتي ??ڌارن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار شهباز گ??، خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ناڻي وارو سيڪريٽري نويد ڪامران، اڳوڻو ناڻي وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر وقار مسعود ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي، ناڻي واري اڳوڻي وزير شوڪت ترين، حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان ??لي الانا، عارف حبيب ۽ ڊاڪٽر اعجاز نبي به وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.