بلاول ڀٽو زرداري کي ڪرپشن بابت سوالن جو جواب پنهنجي گهر مان ئي ملي ويندو: شبلي فراز

image
APP19-30 ISLAMABAD: July 30 - Federal Minister for Information and Broadcasting, Senator Shibli Faraz addressing a press conference at PID media center. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري کي ڪرپشن بابت سوالن جو جواب پنهنجي گهر مان ئي ملي ويندو، سندس والد سري محل کان وٺي هر قسم جي ڪرپشن ڪري هاڻي بلاول کي سياست ۾ آندو آهي ته جيئن سندس ڪرپشن کي تحفظ ملي سگهي، بلاول ڀٽو پنهنجي والد کان پڇي ته ڪهڙي طرح ذوالفقار علي ڀٽو جي ملڪي سطح تي پارٽي هڪ علائقائي پارٽي بڻجي وئي آهي، مخالف ڌر ڪن کولي ٻڌي وٺي انهن کي اين آر او نه ملندو، مخالف ڌر جي نيب قانون بابت 38 ترميمن کي رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي، ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪندڙن ڪرپشن جي نئين تشريح ڪري ڇڏي آهي ته هڪ ارب جي ڪرپشن کي ڪرپشن نه چيو وڃي. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زندگي ۾ هڪ رپيو نه ڪمايو، نه ڪنهن جي مدد ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن سماجي ڪم ۾ حصو وڌو، بلاول ڀٽو زرداري اسان کان جيڪي سوال ڪري رهيو آهي هو اهي سوال ڪرڻ کان اڳ پنهنجي گهر ۽ خاندان تي نظر وجهي ته سري محل خريد ڪيو ويو، 65 ملين ڊالر جو اڪائونٽ ڪنهن جو آهي، ڪراچي ۾ لاتعداد ملڪيتون ڪنهن جون آهن، اومني گروپ ڪيئن ٺهيو ته کيس انهن سمورن سوالن جا جواب ملي ويندا.

مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo