اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ??ي موجوده مشڪلاتن مان ??ڍڻ جي لاءِ قومي ت??جيحن تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ کي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي مشڪلاتن مان ??ڍڻ جي لاءِ قومي ت??جيحن تي نظرثاني لازمي آهي، سمورن ادارن جي قيادت جي ذميواري آهي ته اهي وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻ تي ڌيان ??ين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار سين??ئر آفيسرز ليڊرشپ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن سان ??الهائيندي ڪيو ج?? ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي ۽ معاشري مان اڻبرابري جي خاتمي جا وڏا چئلينجز درپيش آهن، غربت تي ضابطو آڻڻ، معيشت جي بهتري، آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ تي ڌيان ??يڻو پوندو. صدر ملڪ ۾ درگذر ۽ انسانيت سان محبت جي جذبي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته 9 مئي تي ٿيندڙ واقعن سان شديد تڪليف پهتي، ماضي ۾ فيصلاسازي ۾ دير ملڪي ت??قي کي روڪيو. هن چيو ته پاڪستان ??ي دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين سان هم آهنگ رهڻ جي لاءِ تيز رفتار فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي، آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت ۽ سائبر سيڪيورٽي جي شعبن ۾ ترقي جي لاءِ نوجوانن جي ت??ليم ۽ هنرمندي تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي. صدر چيو ته ملڪ ۽ عوام کي سائبر خطرن کان بچائڻ جي لاءِ پاڪستان ??ي پنهنجي سائبر صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ??يڻ گهرجي، غربت جي خاتمي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ت??قي جي لاءِ تعليم ۽ صحت مرڪزي ٿنڀ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي عوام کي معياري ت??ليم ۽ صحت جون خدمتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 70 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جيڪا افسوس جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته تعليمي شعبي ۾ بنيادي ڍانچي جي ت??قي کانسواءِ آن لائين تعليم اختيار ڪري ٻارن کي ت??ليم ڏئي سگهجي ٿي.