اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزي?? بئريسٽر سيد علي ظفر چ??و آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ سمري موڪلي ڇڏي آهي جنهن ۾ اجلاس 12 کان 14 آگسٽ جي وچ ۾ گهرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزيراعظ?? جي چونڊ جي عمل جي لاءِ ٽي کان چار ڏينهن لڳي سگهن ٿا، اليڪشن ڪميشن آف پاڪ??تا?? رزلٽ ٽرانسميشن سسٽم (آر ٽي ايس) فيل ٿيڻ تي حڪومت کي انڪوائري جي درخواست ڪئي آهي. هو سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? بئريسٽر سيد علي ظفر چيو ته آئيني گهرج آهي ته 15 آگسٽ تائين قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو وڃي، رڳو اليڪشن ڪميشن پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو انتظار آهي، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪ??تا?? پاران 11 آگسٽ تي نوٽيفڪيشن ڪيو وڃي ٿو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 12 آگسٽ تي به گهرائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن قومي اسيمبلي جو اجلاس 12 آگسٽ تي گهرايو وڃي ٿو ته ان ۾ نوان چونڊيل ميمبر اسيمبلي جو حلف، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزيراعظ?? جي چونڊ ٿيڻي آهي ان عمل جي مڪمل ٿيڻ ۾ ٽي کان چار ڏينهن لڳي سگهن ٿا.