اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ 2020ع کي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي، معاشي استحڪام ۽ رليف جو سال قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان 23 سال مسلسل جدوجهد کانپوءِ پاڪستان کي استحڪام پاڪستان جي سفر تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي، هو روايتي سياستدان نه پر هڪ مقبول اڳواڻ آهي جيڪو ذاتي فائدي بدران قومي مفاد کي ترجيح ڏيندي عوام جي خوشحالي ۽ آئنده نسلن جو سوچي ٿو، 2020ع وزيراعظم جي قيادت ۾ معاشي استحڪام سان حاصل ٿي??دڙ ثمر عوام تائين ??هچ??ئڻ جو سال هوندو، دنيا جي سامهون ملڪ جو مثبت تشخص ۽ روشن چهرو ا??اگر ڪرڻ ۽ قومي بياني جي فروغ ۾ قومي خابرو ا??ارو ”اي پي پي“ اهم ڪردار رک??دڙ آهي، عمران خان جي ويزن موجب اي پي پي کي اهڙو ا??ارو بڻائينداسين جو سڄي دنيا جا خابرو ا??ارا ان کي رول ماڊل قرار ڏئي ان جي تقليد ڪندا. هو نيشنل لائبريري ۾ قومي خابرو ا??اري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.