اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ايئرلائينز پاران سعودي عرب ويندڙ مسافرن کان اضافي ڪرايو ??صول ڪرڻ جي اطلاع تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ سعودي عرب ويند?? پاڪستاني ڀائرن جي لاءِ هر ممڪن سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ??ڃي. سعودي حڪومت ڪرونا وائرس جي ڪري سعودي عرب کان ٻاهر ??اڪ??تانين کي 72 ڪلاڪن ۾ سعودي عرب واپس پهچڻ جي ڊيڊ لائين ڏني آهي، سعودي عرب ويندڙ سمورن ??اڪ??تانين کان ايئرلائينز جي اضافي ڪرائي وصول ڪر?? جون شڪايتون اچي رهيون هيون جنهن تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر هوابازي واري و??ير غلام سرور خان سان رابطو ڪيو ۽ وڌيڪ ڪراين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.