اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي اڳواڻن، گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل ۽ عالمي مالياتي ادارن ج?? سربراهن کي اپيل ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن کي قرضن ۾ رليف فراهم ڪن. عالمي برادري کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خا?? چيو ته ڪورونا جي صورتحال سان پوري دنيا متاثر ٿي آهي پر ترقي يافته ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ ان حوالي سان جدا ردعمل آيو آهي، ترقي يافته ملڪن وٽ وسيلن ۽ پئسي جي کوٽ نه آهي ۽ اهي وڏي رقم خرچ ڪري صورتحال جو مقابلو ڪري رهيا آهن پر اسرندڙ ملڪن ۾ لاڪ ڊائون ۽ معاشي سر??رميون نه ٿيڻ سان عوام کي بک ۽ سخت معاشي مسئلا درپيش آهن.