اسلام آباد – 07 مئ?? (اي پي پي) وزيراعظم جي قومي سلامتي واري خاص معاون ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته ??زيراعظم عمران خان جي هدايتن تي صوبن سان مشاورت کانپوءِ ايندڙ ڪجه?? ڏينهن ۾ سيلف ڪورنٽين پاليسي لاڳو ڪئي پئي وڃي، اها پاليسي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ ??ڪ هفتي ۾ ٻاهرئين ملڪن ۾ ڦاٿل 14 هزار تائين پاڪستانين کي واپس آڻي سگهبو، ايندڙ هفتي نار ملڪن، آمريڪا، ملائيشيا، بنگلاديش، عراق ۽ چين مان 32 اڏامن ذريعي 7500 پاڪستانين کي واپس آندو ويندو. هو ٻاهرئين ملڪن مان پاڪستانين کي واپس آڻڻ جي حوالي سان تازي صورتحال بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.