اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي هوائ?? سفر تي لاڳو وڏين بندشن جي باوجود اسان ٻاهرئين ملڪ ڦاٿل پنهنجي شهرين ۽ ٻاهرئين ملڪ ڪم ڪندڙ پاڪستان??ن کي وطن واپس آڻڻ جو واعدو پورو ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته مشڪلاتن جي باوجود سڄي دنيا مان 250000 پاڪستاني وطن واپس آندا ويا. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته سندس حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين جي هر ممڪن انداز ۾ مدد جو سلسلو جا??ي رکندي.