اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مظلوم ڪشميري حريت پسندن سان والهاڻي يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪارو ڏينهن ان وچن کي ورجائڻ سان ملهايو ويو ته گڏيل قومن جي قرا??دا??ن موجب ريفرنڊم ذريعي ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي. 27 آڪٽوبر تي پاڪستان جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي واڪ، سيمينارز ۽ سمپوزيم منعقد ٿ??ا جڏهن ته ميڊيا جي ذريعي سڄي دنيا جي انساني حقن جي علمب??دا??ن ۽ گڏيل قومن جي پنج وڏين طاقتن جي حڪمرانن کي ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ بابت آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ ان ڳالهه جو مطالبو ڪيو ويو ته ڪشمير جي پراڻي مسئلي کي گڏيل قومن جي قرا??دا??ن موجب حل ڪيو وڃي ۽ معصوم ڪشميري مسلمانن تي جاري ڀارتي فوج جي وحشياڻي ظلم ۽ تشدد جي سلسلي کي روڪيو وڃي.