اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان معيشت جي لاءِ تعميراتي سرگرمين جي اهميت کي اجاگر ڪندي هدايت ڪئي آهي ته حڪومتي اجازت نامن ۽ ٻين لاڳاپيل ڪاررواين ۾ ڄاڻي واڻي دير نه ڪئي وڃ?? ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ منظورين جو عمل آسان بڻايو وڃ??. هو هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت ق??مي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس ??ي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو و??اقي وزير سينيٽر شبلي فراز، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار شهباز گل، وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽريز ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي آگاهه ڪيو و??و ته تعميراتي منصوبن کي گئس ۽ بجلي جي جلد فراهمي جو طريقيڪار جوڙيو و??و آهي، سرويئر جنرل آف پاڪستان اجلاس کي ڪيڊسٽرل ميپنگ جي حوالي سان بريف ڪيو و??و.