چنيوٽ – 17 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسلام ۾ الله جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ جو درس ڏنو ويو آهي، پاڪستان ۾ نه رڳو فلاحي ڪمن تي وڏي رقم خرچ ڪئي ويندي آهي پر مديني جي رياست جي حقيقي تصور جي روشني ۾ سرندي وارا ۽ سخي م??ڻهو دل کولي الله جي راهه سميت صحت، تعليم ۽ ٻين فلاحي ڪمن ۾ انسانيت جي ڀلائي ۽ دکي م??ڻهن جي خدمت لاءِ خرچ ڪندا آهن، جنهن جو اجر الله تعاليٰ کين نه رڳو هن دنيا ۾ وسيع رزق عطا ڪري ڏيندو آهي پر آخرت ۾ به ان جو بي حد ثواب آهي. انجمن اسلاميه پاڪستان جي اهتمام هيٺ چنيوٽ ۾ قائم ڪيل ويلفيئر ڪامپليڪس، اسٽيٽ آف دي آرٽ سهولتن سان موجود اکين جي اس??تا?? ايل آر بي ٽي جي افتتاح ۽ صداقت ماڊل اسڪول ۾ انعام ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستاني انتهائي کليل دل ۽ وسيع ظرف رکندڙ مهمانواز قوم آهي، جنهن 35 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن کي پنهنجي ملڪ ۾ پناهه ڏنو جڏ??ن ته دنيا جي ٻين ترقي يافته ملڪ جيڪي هر وقت اسان کي انسانيت ۽ اخلاقيات سميت هيومن رائيٽس جو درس ڏيندا آهن ۽ ن??يحتون ڪندا آهن انهن 100 افعاني وٺڻ کان به انڪار ڪيو پر اهڙا اهڙا قانون ٺاهيا ته ڪو به افغان پناهگير سندن ملڪ ۾ داخل نه ٿي سگهي، صدر چيو ته چنيوٽ جي شيخ برادري اس??تا??، اسڪولز، ڪاليجز ۽ ٻيا فلاحي ادارا قائم ڪيا جنهن جي ڪم ڪرڻ جوانداز به بي م??ال آهي، هن چيو ته هي پاڪستاني قوم آهي جنهن 2005ع کان تباهي آڻيندڙ زلزلي کان وٺي ڪورونا وائرس جي تازي عالمي وبا جي دوران ايثار واري جذبي تحت پاڻ وڌي چڙهي م??اثر ماڻهن جي م??د ۽ انهن جي بحالي جو بار کنيو، جنهن جو سڄي دنيا جي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي، اهو ئي نه پر ٻوڏ هجي يا ٻي قدرتي آفت پاڪستاني سدائين پنهنجا وسيلا ۽ تن من ڌن سان قومي خدمت جي جذبي ۽ الله جي رضا خ??طر اڳيان اڳيان رهيا آهن.