اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته سفير کي ڪڍڻ ۽ فرانس سان لاڳاپا ختم ڪرڻ ??ان فرانس جو ڪجهه نه بگڙجندو، يورپي ۽ او??هه ملڪ ناموس رسالت صه جي معاملي کي اظهار جي آزادي جو مسئلو سمجهن ٿا، فرانس کانپوءِ اسان ٻئي ڪهڙي ملڪ جي سفير کي واپس موڪلينداسين، 50 اسلامي ملڪن مان ڪٿي به اهڙي قسم جا مظاهرا نه ٿيا نه ڪنهن سفير کي واپس موڪليو، مسلمان دنيا کي گڏجي او??هه کي سمجهائڻو پوندو ته اهو اظهار جي آزادي جو مسئلو نه آهي، آئون ان جي ذميواري کڻان ٿو ۽ ان مهم جي قيادت ڪندس، گذريل هفتي جي صورتحال سان ملڪ جو تمام گهڻو نقصان ٿيو، ٻاهر جا دشمن به ان صورتحال ۾ شامل ٿي ويا، 4 لک ٽوئيٽس مان 70 سيڪڙو جعلي اڪائونٽس تان ڪيا ويا، ڀارت جعلي ويب سائيٽن ذريعي پروپئگنڊه ڪري ره??و آهي، (ن) ليگ ۽ مولانا فضل الرحمان جي پارٽي به حڪومت کي نقصان پهچائڻ لاءِ گڏجي ويا. پاڪستان ٽيليويزن تي قوم کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته گذريل هفتي دوران افسوسناڪ حالتون پيش آيون.