اسلام ??باد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته عمران خا?? جي قيادت ۾ اقليتن کي سڀني حقن ۽ سهولت?? جي فراهمي يقيني بڻائي رهيا آهيون، اقليتن کي شهري حيثيت ۾ زندگي جي هر شعبي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جا سڀئي موقعا حاصل هوندا، اقليتن جي حق?? جي پاسداري دين اسلام ??ي تعليم ۾ اهم حيثيت رکي ٿي. اقليتن جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته رواداري، گڏيل احترام ۽ هر طرح جي فرق کانسواءِ انساني حقن جو تحفظ اسلامي معاشري جي بنيادي گهرج آهي، اسا?? جي آئين ۾ به ان اسلامي اصول کي پوري طرح شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت اقليتن جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، جمهوري روايتن جي فروغ لاءِ مذهبي هم آهنگي جي ڪوششن کي تيز ڪيو ويندو.