اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? کي ٻڌايو ويو آهي ته ٽيڪسلا ۾ ليبر ڪمپليڪس جي 500 فليٽس جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جنهن ۾ 70 فليٽ آرڊيننس فيڪٽري واهه ج?? شهيدن جي لاءِ رکيا ويا آهن. وزيراع??م ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خا?? سان هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خا?? ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي جي آپريشن ۽ ريگيوليٽري ڪردار کي جدا ڪرڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خا?? وزيراعظم کي ٻڌايو ته ٽيڪسلا ۾ ليبر ڪمپليڪس جي 500 فليٽس جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جنهن ۾ 70 فليٽس آرڊيننس فيڪٽري واهه ج?? شهيدن جي لاءِ رکيا ويا آهن، انهن فليٽس جي قرعه اندازي جلد عمل ۾ آندي ويندي.