اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته ڊاڪٽرز اسان جي ملڪ جو قيمتي سرمايو آهن، پاڪستاني ڊاڪٽرز جي صلاحيتن جي پوري دنيا متعرف آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار انصاف ڊاڪٽرز فورم جي صدر ڊاڪٽر مدير خان سان ڳالهائين??ي ڪيو جنهن وزيرا??ظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خاص مددگار نيشن?? هيلٿ سرو??ز ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ خيبرپختونخوا جي صحت ۽ روينيو وارو وزير تيمور سليم جهڳڙا به موجود هو. ملاقات دوران وزيرا??ظم کي صحت جي شعبي ۾ سڌارن بابت اڳڀرائي کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. ڊاڪٽر مدير وزيرا??ظم کي ڊاڪٽرن جي انٽري ٽيسٽ ايگزام (ايم ڊي سي اي ٽي) ۽ نيشنل لائيسينسنگ ايگزام (اين ايل اي) بابت خدشن کان آگاهه ڪيو. وزيرا??ظم ڊاڪٽر فيصل سلطان کي ترجيحي بنيادن تي انهن خدشن کي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.