اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وفاقي ڪابينا جو سڀاڻي اڱاري تي ٿيندڙ اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي، هي ڪهڙو حسن اتفاق آهي ته جنهن نوٽري نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ جي تصديق ڪئي اهو ئي راڻا شميم جي بيان جي به تصديق ڪري رهيو آهي، نواز شريف ۽ مريم نواز جي سزائن جي خلاف اپيلن تي فيصلو جڏهن اچڻ وارو آهي ان وقت اس??ام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج کي بدنام ??رڻ جي ڪوشش عدليه تي هڪ تمام وڏو حملو آهي جيڪو شريف خاندان پاران ڪيو ويو آهي، (ن) ليگ جي ناصر بٽ وغيره جج ارشد ملڪ جي جيڪا وڊيو ٺاهي هئي اڄ تا??ين ان کي بطور ثبوت ڇو عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي. هو وزيراعظم هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته غلط بياني ۽ دوکيبازي (ن) ليگ جو شيوو آهي، (ن) ليگ ماضي ۾ عدالتن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي. هن چيو ته (ن) ليگ جا پراڻا طور طريقا هاڻي نه هلندا، ارشد ملڪ جي وڊيو اڄ تا??ين عدالتن ۾ جمع ناهي ڪرائي وئي. هن چيو ته پاڪستان جي عدليه آزاد آهي، وزيراعظم عمران خان قانون جي بالادستي جي لاءِ تمام ??هڻي جدوجهد ڪئي آهي، اسان اتحادين کي سدا??ين گڏ کڻي هليو آهي، اسان جا اتحادي حڪومت سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين، چونڊ سڌارن ۾ اتحادي اسان سان گڏ بيٺل آهن، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سدا??ين جي لاءِ چونڊ ڌا??ڌلي جو رستو روڪڻ وڃي رهي آهي.