اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته معاشي سرگرمين جي فروغ لاءِ بهتر ۽ گهٽ لاڳت جي بنيادي ڍانچي جي تعمير جي لاءِ پرعزم آهيون، سيالڪوٽ – کاريان موٽروي منصوبو گيم چينجر ثابت ٿيندو، ملڪ جي قيمتي مالي وسيلن جي بچت جي لاءِ معياري ۽ گهٽ لاڳت جا رستا تعمير ڪيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ – کاريان راولپنڊي موٽروي جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيرا??ظم جي ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته اسان جو مقصد ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ بهتر ۽ گهٽ لاڳت رستا تعمير ڪرڻ آهي، سيالڪوٽ – کاريان موٽروي جي راولپنڊي تائين توسيع جو منصوبو گيم چينجر ثابت ٿيندو ۽ ان سان علائقي ۾ سامان ۽ خدمتن جي موثر چرپر کي يقيني بڻائي سگهبو. وزيرا??ظم کي ٻڌا??و ويو ته اين ايڇ اي نه رڳو وڌيڪ نوان رستا ٺاهي رهي آهي پر بهتر معيار ۽ گهٽ لاڳت جي رستن جي تعمير لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيرا??ظم کي ٻڌا??و ويو ته 1753 ڪلوميٽر جي نئين رستن جا منصوبا شروع ڪيا ويا آهن. چئن ڦاڪن وارو رستو 17 ڪروڙ رپيا في ڪلو ميٽر جي ح??اب سان تعمير ڪيو پ??و وڃي جڏهن ته اڳوڻي حڪومتن جي دورن ۾ اهو رستو 37 ڪروڙ رپيا في ڪلو ميٽر جي ح??اب سان تعمير ڪ??و ويندو هو. تازو ئي شروع ٿيندڙ سيالڪوٽ – کاريان موٽروي اڳوڻي حڪومت پاران تعمير ڪئي ويندڙ سيالڪوٽ – لاهور موٽروي کان 10 ڪروڙ رپيا في ڪلوميٽر گهٽ لاڳت سان تعمير ڪيو پ??و وڃي. وزيرا??ظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ملڪ جي قيمتي مالي وسيلن کي بچائڻ لاءِ گهٽ کان گهٽ ممڪن لاڳت ت?? معياري انفراسٽرڪچر جي تعمير جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن.