اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ جو آئين سمنڊ پار پاڪست??ني?? کي ووٽنگ جو حق ڏي ٿو، ان سلسلي ۾ هڪ آسان آن لائين طريقيڪار ذريعي ايندڙ عام چونڊن جي لاءِ ووٽنگ ۾ انهن جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون جاري آهن. ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪست??ني?? کي خطاب ڪندي صدر چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جو قومي معيشت ۾ اهم ڪردار آهي، انهن کي انهن جي راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ انهن سان وڏو امتيازي سلوڪ ٿي سگهي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اليڪشن ڪ??يشن آف پاڪستان (اي سي پي) نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) شفاف طريقي سان ووٽر لسٽن جي تياري لاءِ تعاون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪست??ني?? جي لاءِ پوسٽل بيلٽ ۽ سفارتخانن ۾ عملي پولنگ جي ذريعي ووٽ ڏيڻ جي حوالي سان ڏکيائيون آهن، انٽرنيٽ ووٽنگ ٻاهرئين ملڪ رهندر پاڪست??ني?? جي لاءِ ووٽ وجهڻ جو سڀ کان آسان ۽ قابل عمل طريقو آهي. هن زور ڏنو ته پاڪستان کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال سميت مختلف شعبن ۾ ترقي جي لاءِ نئين ٽيڪنالاجيز کي اختيار ??رڻ گهرجي. آنل ائين ووٽنگ جي تفصيل بابت هن چيو ته حڪومت ويجهي مستقبل ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪست??ني?? جي لاءِ 5، 6 ڏينهن جي لاءِ رجسٽريشن ونڊو کولي ڇڏيندي. هن چيو ته داخلا کانپوءِ نادرا جي ووٽر لسٽ ۾ شامل ٿي?? تي ملڪ جي مقامي فهرستن ۾ ٻٽي شهريت رکندڙن جو نالو گري آئوٽ ٿي ويندو، ان کانسواءِ سمارٽ فونز جي ذريعي ووٽنگ جي رازداري سان استعمال ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪوڊ ملندو. هن وڌيڪ چيو ته غيرشفافيت جي خدشي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ وڌل ووٽن جي الگور ٿم کي ملايو ويندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هن هڪ آڊٽ سستم لڳائڻ جي تجويز ڏني هئي جنهن جي لاءِ پاس ورڊز چيف اليڪشن ڪ??يشن ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان ٻنهي کي ڏئي سگهجي ٿي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ موثر آڊٽ سسٽم آن لائين ووٽنگ سسٽم جي هيڪنگ کي روڪي سگهي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سمنڊ پار پاڪست??ني?? جي لاءِ ووٽنگ جي عمل کي آسان بڻائڻ جون ڪ??ششون ڪ??ون پيون وڃن. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪست??ني?? تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي ڄاڻ ۽ مهارت کي ملڪ ۾ پنهنجي هم وطنن سان شيئر ڪن ته جيئن انهن کي دنيا ۾ سبقت حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي. ان موقعي تي وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سمنڊ پار پاڪست??ني?? جي حقن جي لاءِ صدر ۽ وزيراعظم جون ڪ??ششون سا??اهه جوڳيون آهن.