اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان وڏن شهرن جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي ر??يا آه??ون ڇو ته وڏا شهر قومي معيشت جي ترقي جو حقيقي محرڪ آهن، لاڳاپيل ??مل??ار وڏن شهرن جي ترقياتي اسڪيمن جي رستي ۾ ايندڙ ڪاوٽون ختم ڪن. هو وڏن شهرن جي منصوبابندي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري ر??يو هو. هن چيو ته ??هر??ڙي جي علائقن کان شهري علائقن ۾ آبادڪاري جي ڪري وڏن شهرن کي ڪيترائي چئلينج درپيش آهن انهن ۾ هائوسنگ، ملازمتن جا موقعا ۽ شهري ضرورتن کي کوٽ ٿي ر??ي آهي تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته وڏن شهرن جي لاءِ خصوصي ترقياتي پيڪيج تي ڪم جي ر??تار تيز ڪئي وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل ??مل??ارن کي هدايت ڪئي ته هو وڏن شهرن جي ر??واسين کي وڌ کان وڌ رليف پهچائڻ لاءِ مختلف ترقياتي اسڪيمن جي تڪميل جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم يقيني بڻائين. هن هدايت ڪئي ته ڪراچي، لاهور، ملتان، فيصل آباد، راولپنڊي ۽ گوجرانوالا جهڙن وڏن شهرن جي ترقي ۽ بهتري جي لاءِ گڏيل رابطا رکن ۽ جامع مهم هلائي وڃي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، ص??عت واري وزير مخدوم خسرو بختيار، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.