اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ آبادگارن جي ??مدني ۾ 73 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ورلڊ بئنڪ پاڪستان جي معاشي ترقي جي ??رح 5.37 سيڪڙو ڏيکاري آهي، اسان جي ??ڪومت کي چار بحران ورثي ۾ مليا ??ئا، اسان انهن مان نڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون، ڪورونا کي ڪاميابي سان منهن ڏنو، هاڻي مهانگائي کي به منهن ڏينداسين، مهانگائي جو سڀ کان وڌيڪ اثر پگهاردار طبقي تي آهي، اوڳاڙين ۾ اضافي سان گڏوگڏ انهن جي پگهارن ۾ اضافو ڪنداسين، قرارداد مقاصد ۾ پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جو تصور ڏنو ويو، اسان انهي رستي تي ڪاربند آهيون، ڪورونا جي پنج??ن لهر دوران ڪاروبار مڪمل بند نه ڪنداسين. ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ ۾ مختلف سوالن جا جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته مون پارليامينٽ ۾ سوالن جا جواب ڏيڻ پئي چاهيا ??ر اتي اين آر او گهرندڙ گوڙ ڪن ٿا ۽ مون کي ڳالهه ڪرڻ نه ٿا ڏين. هن چيو ته مون هڪ اخبار ۾ آرٽيڪل لکيو جنهن تي چيو ويو ته هي مذهب جي پٺيان لڪي رهيو آهي، مون کي سياست ۾ اچڻ کان اڳ ئي الله سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏيو هو جڏهن ته ٻين سياستدانن کي سياست ۾ اچڻ کان اڳ ڪير سڃ??ڻي??دو به نه هو، 25 سال اڳ آئون اسلامي فلاحي رياست جي منشور سان گڏ سياست ۾ آيس، مون ڪڏهن به نه چيو ته ملڪ کي ايشين ٽائيگر بڻائيندس. هن چيو ته جيستائين هن ملڪ کي ٺاهڻ جي مقصد تي نه هلنداسين، ڪامياب نه ٿي سگهنداسين. هن چيو ته هن ملڪ ۾ سٺا صحافي به آهن پر ڪجهه صحافي عوام ۾ مايوسي پکيڙين ٿا، مهانگائي هڪ عالمي مسئلو اهي، جڏهن اسان حڪومت ۾ آياسين ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر هو جنهن جي ڪري سڄو دٻاءُ رپئي جي قدر تي پيو، ٻيو مسئلو ڪورونا جي ڪري شين جي ??پلائي ۾ کوٽ سان مهانگائي ۾ اضافو ٿيو، ان سان پاڪستان اڪيلو متاثر نه ٿيو، دنيا جا ترقي يافته ملڪ به ان کان متاثر ٿيا، ڪورونا صديءَ جي ??ڀ کان وڏي وبا هئي، اسان جي قدمن کي دنيا جي ٽن ڪامياب ملڪن جي ??رفهرست ۾ رکيو ويو آهي. هن چيو ته ڪورونا جي پنج??ن لهر مان به ڪاميابي سان نڪرنداسين. صدارتي نظام جي ??والي سان هن چيو ته مون شروع ۾ قوم کي پنهنجي ??طاب ۾ چيو هو ته هن ملڪ جي وڏن ڌاڙيلن سان ڪا مفاهمت ۽ ٺاهه نه ڪندس، آئون انهي مافيا جي ??لاف سياست ۾ آيس، جنهن کي اين آر او جي لاءِ بليڪ ميل ڪرڻو آهي. هن چيو ته ورلڊ بئنڪ پاڪستان جي معاشي ترقي جي ??رح 5.37 سيڪڙو ڏيکاري آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ آبادگارن جي ??مدني ۾ 73 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، سڄي دنيا ۾ غربت ۾ اضافو ٿيو آهي، اسان به پوري دنيا جو حصو آهيون، پگهاردار طبقو مشڪل ۾ آهي، حڪومت انهن جي مدد ڪندي.