زائو شن/ شوڪت چانڊيو
بيجنگ 2022ع ۾ ٿيندڙ ونٽر ا??لم??ڪس گيمز جي ڊريسڊ ريهرسل جاري آهي. اها ريهرسل نيشنل اسٽيڊيم (برڊ نيسٽ) ۾ ٿي رهي آهي. چين جي گادي واري شهر ک?? ڪيترين ئي خوبصورت روشنين سان سجايو ويو آهي ۽ هن وقت بيجنگ جي عوام ۾ ونٽر ا??لم??ڪس جي حوالي سان وڏو جوش ۽ جذبو آهي. بيجنگ 2022ع ونٽر ا??لم??ڪس جي مشهوري جي لاء?? تيار ڪيل نغمو ”ٽو گيدر فار اي شيئرڊ فيوچر“ جي عنوان سان ريليز ڪيو ويو آهي. هي سيارو سڄي دنيا جي عوام لاءِ هڪ خوشي، جذبي، اڳتي وڌڻ، همت ۽ حوصلي جو ثابت ٿيو آهي. دي ا??لم??ڪ چارٽر ا??لم??ڪ موومينٽ جو هڪ بنيادي جز آهي جيڪو ان ڳالهه کي هٿي وٺ??ائي ٿو ته ا??لم??ڪس جو بنيادي مقصد راند جي اها جاءِ آهي جيڪا انسان ذات کي خوشي، ترقي وٺ??ائڻ جي لاءِ آهي جيڪا پرامن معاشرو پيدا ڪرڻ جي لاءِ ۽ انساني عظمت کي وڌائڻ جي لاءِ ۽ اهو ئي ا??لم??ڪ جو مکيه جذبو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ انسانيت کي هٿي وٺ??ائي وڃي ۽ سماجي ترقي ٿئي.
2021ع ۾ انٽرنيشنل ا??لم??ڪ ڪميٽي (آئي او سي) چيو هو ته ميڙاڪو ا??لم??ڪ جو هڪ اهم نعرو آهي جيڪو تيز عظيم، مضبوط ڳانڍاپي کي هٿي وٺ??ائڻ جي لاءِ آهي ۽ ان سان سڄي دنيا ۾ هڪ جوش ۽ جذبو پيدا ٿيندو ۽ مسئلن جي ور چڙهيل دنيا ۾ انسانيت کي هٿي وٺ??ائڻ جي لاءِ سهڪار کي وڌائيندي. ڪوويڊ 19 اڃا تائين سڄي دنيا ۾ موجود آهي، جيڪو ماڻهن جي جان ۽ مال جي خطرناڪ آهي. ڊائنامڪ زيرو ڪيس پاليسي موجب چين ان وبا جي خاتمي لاءِ ۽ ماڻهن جي صحت کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ مسلسل ڪوشش ڪري رهي آهي، دٻاءُ تمام گهڻو آهي پر ونٽر ا??لم??ڪس جي حوالي سان بيجنگ تمام وڏيون ۽ جامع تياريون ڪيون آهن. ا??لم??ڪس جون تياريون ڪيترن ئي هفتن کان جاري آهن ۽ ونٽر ا??لم??ڪس بيجنگ جو سدائين خواب رهيو آهي. بيجنگ 2022ع ۾ ان حوالي سان ڪمٽيڊ آهي ته هو ايٿليٽس کي اعليٰ معيار جون سهولتون ۽ خدمتون فراهم ڪندو.
بيجنگ 2022ع ونٽر ا??لم??ڪس جي لاءِ آئي او سي ڪوآرڊينيشن ڪميشن جي چيئرمين جان انٽينيو سمرچ جونيئر چيو آهي ته اسان کي بيجنگ ۾ ٿيندڙ ونٽر ا??لم??ڪس جي لاء?? تيارين جي حوالي سان خوشي ٿي رهي آهي ۽ ان حوالي سان 300 ملين چيني ماڻهن کي انگيج ڪيو ويو آهي. هن چيو ته بيجنگ 2022ع جي لاءِ ڪو به شڪ نه آهي ته انتظاميا ا??لم??ڪ ايجنڊا 2020ع ۽ يونائيٽيڊ نيشن سسٽين ايبل گول جي لاءِ عمل پيرا آهي. ڪيترين ئي اڻٿڪ ڪوششن کانپوءِ بيجنگ 2022ع جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن. چيني عوام ان حوالي سان پراعتماد آهي ته اها هن ايونٽ کي سڄي دنيا جي لاءِ ڪامياب بڻائيندا ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ سڄي دنيا جو ڌيان بيجنگ ا??لم??ڪس تي هوندو ۽ بيجنگ ڊبل ا??لم??ڪ سٽي بڻجي ويندو، جتي سڄي دنيا مان ايندڙ رانديگر پهچندا ۽ هڪ نئين ا??لم??ڪس جي لاءِ تاريخ رقم ڪندا.