اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته هتڪ عزت سول قانو?? آهي پر تهمت، توهين ۽ الزام بازي اسلامڪ لاء جا واضح قانو?? آهن ۽ ان ڏوهه تي سخت سزائو?? آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته خاص طور تي سورت النساءِ ۾ عورتن تي تهمت ته حد آهي تنهن ڪري اهو چوڻ صحيح نه آهي ته ڪريمنل قانون بڻائڻ غلط آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بحث اهو ٿيڻ گهرجي ته ان جو غلط استعمال روڪيو وڃي نه ڪي اهو ته قانون ه??ڻ ئي نه گهرجي.