لاهور – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ شديد ترين معاشي خطرن ۾ گهيريل آهي، اسان کي مشڪلاتن ??و اندازو آهي ان تي ضابطو آڻڻ حڪومت ۽ ان جي اتحادين جي گڏيل ذميواري آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف عيد جي ن??از ادا ڪرڻ کانپوءِ جاتي امراء ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته گڏجي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته گذريل پوڻا چار سال ۾ اسان کي انتقام جو نشانو بڻايو ويو، شاهد خاقان عباسي، راڻا ثناءُ الله، سعد ر??يق?? مفتاح اسماعيل، مريم نواز، حمزه شهباز انتقام جو نشانو بڻجندا رهيا، آئون انهن سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته الله جي آڏو دعا آهي ته هي عيد ترقي ۽ خوشحالي جو پيغام کڻي اچي، مشڪلاتن ??ي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اسان کي الله جي رضا سان گڏ سخت محن?? ڪرڻي پوندي. شهباز شريف چيو ته ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو ويو آهي جلد ئي قوم کي خطاب ڪندس. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ گلا ڪرڻ جو نه پر ڳلي لڳائڻ جو ڏينهن آهي. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن قوم جي هڪ دل ٿيڻ ۽ گڏجي مسڪرائڻ جو ڏينهن آهي. وزيراعظم شهباز شريف سمورن پاڪستانين ۽ عالم اسلام کي عيد جي دلي مبارڪباد پڻ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز جاتي امراء ۾ عيدالفطر جي ن??از ادا ڪئي. وزيراعظم ۽ وڏي وزير پاران عيد جي ن??از کانپوءِ ملڪي سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون. شهباز شريف ۽ حمزه شهباز عيد جي ن??از کانپوءِ ماڻهن سان گلي مليا ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني.