اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جي حڪمران پارٽي بي جي پي جي عهديدارن جي توهين آميز ريمارڪس ۽ ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جي حوالي سان گڏيل قومن جي جن??ل سيڪريٽري اينتونيوگوتريس سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي جن??ل سيڪريٽري کي ڀارت ۾ جاري اسلامو فوبيا قدمن خاص طور تي تازو ئي حضور ﷺ جي باري ۾ بي جي پي جي ٻن سينئر عهديدارن پاران توهين آميز ريمارڪس کان آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ??نو ته اهڙي طرح ڄاڻي واڻي ڪيل اشتعال انگيزي سان سڄي ??نيا جي اربين مسلمانن جي جذبن کي شديد ٺيس پهتو آهي، هن جن??ل سيڪريٽري تي زور ??نو ته هو ڀارت ۾ نفرت انگيز تقريرن ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر ۽ ان جي گستاخاڻي ريمارڪس جو نوٽيس وٺي، هن ڀارتي عملداران پاران پرامن مظاهرين سان روا رکيل ناروا سلوڪ جي به مذمت ڪئي جنهن ۾ مظاهرين جي گهرن کي غير قانوني طور تي بلڊوز ڪرڻ به شامل آهي، جيڪي مسلمانن تي بي جي پي ۽ آر ايس ايس جي اتحاد پاران مسلسل ظلم ۽ ستم جا تازا قدم آهن، پرڏيهي وزير چيو ته بي جي پي عهديدارن جي توهين آميز ريمارڪس جي عالمي مذمت جي باوجود بي جي پي جي اعليٰ قيادت ۽ ڀارتي حڪومت پاران واضح طور تي ان جي مذمت نه ڪرڻ انتهائي مايوس ڪندڙ آهي. هن چيو ته بي جي پي ۽ آر ايس ايس پنهنجي اسلامو بڪ ڪارروايون جاري رکيون آهن ۽ هو پرامن عوامي احتجاج کي طاقت جي وحشياڻي ۽ انڌي استعمال سان دٻائي رهي آهي، پرڏيهي وزير نفرت انگيز تقريرن ۽ اسلامو فوبيا تي گڏيل قومن جي موقف ۽ گڏيل قومن جي تهذيبن بابت اتحاد (يو اين اي او سي) جي اعليٰ نمائندن جي بيان جو ذڪر ڪندي جن??ل سيڪريٽري تي زور ??نو ته هو اهڙن واقعن جو نوٽيس وٺي ۽ اسلامو فوبيا، زينو فوبيا ۽ ساڄي هٿ جي انتهاپسندي سان لاحق نئ??ن ۽ اڀرندڙ خطري کي اجاگر ڪن، پرڏيهي وزير جن??ل سيڪريٽري تي زور ??نو ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگ??ن ۽ منظم خلاف ورزين کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ??ردار ادا ڪن. پرڏيهي وزير ۽ جن??ل سيڪريٽري اسلامو فوبيا جو موثر طريقي سان مقابلو ڪرڻ لاءِ عالمي ڪوششن کي جامع ڪرڻ لاءِ رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.