اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آبادگارن کي فصلن جي تباهي ۽ آفتن جي ڪري ٿيندڙ نقصان کان بچائڻ جي لاءِ فصلن جي انشورنس جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عالمي حدت ۽ موجوده ٻوڏ جي ڏس ۾ آبادگار دوست فصل انشورنس ??ظام متعارف ڪرڻو پوندو. جڏهن ته ورلڊ بئنڪ جي پائليٽ پروگرام ذريعي پنجاب جي 27 ضلعن جي 1.48 ملين آبادگارن کي فصل تباهه ٿيڻ جو بيمو ڏنو ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن فصلن جي انشورنس جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سينيٽر ثانيه نشتر ۽ پنجاب جي زراعت واري وزير سيد حسين جهانيان گرديزي، وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل ۽ انشورنس ڪمپنين جي سينيئر ايگزيڪيوٽ??ز پڻ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ملڪ جي زرعي شعبي کي بچائڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم ترجيحي بنيادن تي اختيار ڪيا وڃن. هن چيو ته انشورنس انڊسٽري سمورين ڌر??ن جي شموليت تي ٻڌل هڪ ٺوس ملڪ گير مشاورتي پروگرام شروع ڪري. عالمي سطح تي ڪامياب فصلن جي انشورنس ??اڊلز جي نموني جي طور تي وٺي سگهجن ٿ??. صدر چيو ته ملڪ جي زرعي يونيورسٽين سان سي??ين??رز ۽ تحقيق جي لاءِ تعاون کي فروغ ڏيڻ گهرجي. يونيورسٽين سان تعاون سان انشورنس انڊسٽري کي پنهنجي پاليسي ۽ مصنوعات کي ٺوس تحقيق ۽ مستنند ڊيٽابيس تي ٻڌل بڻائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته لاڳاپيل ڌر??ون 12.5 ايڪڙ يا ان کان گهٽ ايراضي جي مالڪ آبادگارن جي لاءِ انشورنس ??صنوعات متعارف ڪرائين. صدر انشورنس انڊسٽري تي زور ڏنو اها سي??ين??رز ۽ ورڪشاپ ذريعي سمورين ڌر??ن تي ٻڌل هڪ ٺوس ملڪ گير مشاورت ۽ بحث جو پروگرام شروع ڪري. علائقائي ۽ عالمي ملڪن جي بهترين طريقن ۽ ڪامياب فصلن جي انشورنس ??اڊلز کي بينچ مارڪ طور تي وٺڻ گهرجي ته جيئن هڪ وسيع مارڪيٽ تي ٻڌل ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس پاڻ پائيدار فصل انشورنس ??اليسي تيار ڪرڻ جي لاءِ معلومات حاصل ڪئي وڃي. هن چيو ته ملڪ جي زرعي يونيورسٽين سان سي??ين??رز ۽ ورڪشاپس منعقد ڪرڻ ۽ لاڳاپيل وسيع تحقيقي ڪم جي انعقاد ۾ به تعاون کي فروغ ڏيڻ گهرجي ته جيئن انشورنس ڌر??ن کي پنهنجي پاليسي ۽ مصنوعات کي ٺوس تحقيق ۽ مستنند ڊيٽابيس تي ٻڌل بڻائڻ ۾ مدد ملي سگهي. صدر انشورنس سيڪٽر ۽ ٻين ڌر??ن کي چيو ته اهي پاڪستان جي 93 سيڪڙو آبادگارن تي خصوصي ڌيان ڏين جن وٽ 12.5 ايڪڙ يا ان کان گهٽ زمين آهي، جڏهن ته اهي پنهنجي انشورنس ??راڊڪٽس متعارف ڪرائين. هن چيو ته آبادگارن جي حصيداري کي فصلن جي اُپت يا پيداوار سان گڏ ڳنڍڻ گهرجي ۽ آبادگارن جي ڀلائي کي يقيني بڻايو وڃي. صدر چيو ته بئنڪن، انشورنس ڪمپنين ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ٽارگيٽيڊ ايرياز ۾ سي??ين??رز ۽ ورڪشاپس، ميلن ۽ روڊ شوز جو انعقاد ڪري ۽ روايتي اشتهاري مهم ذريعي آگاهي مهم شروع ڪرڻ گهرجي. سوشل ميڊيا به آبادگارن کي ان حوالي سان آگاهي فراهم ڪري. صدر فصلن جي خرابي ۽ آفتن سان فصلن جي نقصان جي صورت ۾ آبادگارن کي ٿيندڙ نقصان کان تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنجاب فصل بيما پروگرام شروع ڪرڻ تي پنجاب حڪومت کي ساراهيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ورلڊ بئنڪ جي قرض تي ٻڌل پائليٽ پروگرام ذريعي پنجاب جي 27 ضلعن جي 1.48 ملين آبادگارن کي فصل تباهه ٿيڻ جو بيمو ڏنو ويو آهي. اجلاس کي اهو به ٻڌايو ويو ته علائقائي ۽ عالمي ملڪن جي مقابلي ۾ انشورنس جو حصو گهٽ آهي ۽ ان کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.