اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ موسم جي دٻاءُ جو سڌوسنئو?? نتيجو آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو دورو دنيا آڏو ان ڳالهه کي اجاگر ??رڻ ۾ مدد ڪندو ته آلوده گئس جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو هجڻ جي باوجود پاڪستان عالمي سطح تي موسمياتي لحاظ کان 10 غيرمحفوظ ملڪن ۾ شامل آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان پاڪستان جي موسمياتي خطرن کي گهٽ ڪرڻ، موافقت جي صلاحيت کي وڌ??ئڻ ۽ موسمياتي تبديلي کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي بحالي ۾ مدد جي لاءِ ترقياتي حصيدارن سان گڏجي ڪم ??رڻ جي پيغام کي دنيا تائين پهچائڻ جي لاءِ عالمي تعاون کي ساراهيون ٿا.