اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) بين الپارلياماني يونين جي صدر دارتي پچيڪو چيو آهي ته موسمياتي تبديلين ۾ پاڪستان جو ڪردار انتهائي گهٽ آهي پر پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جو سبب اهي ئي موسمياتي تبديليون آهن، جن ترقي يافته ملڪن جو ماحولياتي تبديلين ۾ وڏو حصو آهي انهن کي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي مدد جي ??اء?? اڳتي اچڻ گهرج??، ايس ڊي جيز هدف حاصل ڪرڻ جي ??اء?? اسان کي سڀاڻي بدران اڄ عملدرآمد جي پاليسي اختيار ڪرڻي پ??ندي، عوام کي تعليم جي سهولتن، غربت ۽ عدم برابري جي خاتمي ۽ بهتر مستقبل جي ??اء?? ايس ڊي جيز تي عملدرآمد انتهائي اهم آهي. هو پارليامينٽ هائوس ۾ پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) جي ??اء?? ايشيا پيسفڪ ملڪن جي بين الپارلياماني يونين جي ٽئين علائقائي سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پارلياماني ٽاسڪ فورس جي ڪنوينر رومينه خورشيد عالم پڻ خطاب ڪيو. بين الپارلياماني يونين جي صدر پاڪستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال جي باوجود آءِ پي يو سيمينار منعقد ڪرڻ تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پاڪستان جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ايس ڊي جيز سموري انسانيت جي ??اء?? اهم آهي هن وقت پاڪستان کي ٻوڏ جي صورت ۾ وڏي قدرتي آفت درپيش آهي اسان ان تي پاڪستان سان يڪجهتي ۽ همدردي جو اظهار ڪريون ٿا، ايتري وڏي پئماني تي قدرتي آفت ناهي ڏٺي جنهن ۾ ڪروڙين انسان متاثر ٿيا آهن، هزارين فوتگيون ٿيون، ڪروڙين ماڻهو بي گهر ٿيا، لکين گهر تباهه ٿيا، فصلن کي نقصان پهتو، معيشت تباهه ٿي. هن چيو ته اهو سڀ موسمياتي تبديلين جو نتيجو آهي، سڄي دنيا ۾ عوام موسمياتي تبديلين ۾ پاڪستان جو ڪردار انتهائي گهٽ آه??، ان جي ڀيٽ ۾ ترقي يافته ملڪن جو موسمياتي تبديلين ۾ تمام وڏو هٿ آه??، اهي اڳتي وڌي پاڪستان جي مدد ڪن، ان کانسواءِ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان به انهن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن ايس ڊي جيز جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته پاڪستان پاران انهن هدفن جي روزاني جي بنياد تي نگراني جي ??اء?? پارلياماني ٽاسڪ فورس جو قيام احسن قدم آهي. هن چيو ته اسان جو ماحول اسان جي پ??هنجي مستقبل جي ??اء?? آهي اسان کي ان جو تحفظ ڪرڻو ??ه??، ان جي اثرن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو ??هي، جيڪڏهن ان جو ختمو نه ڪيو ويو ته اهي پ??ري دنيا کي لپيٽ ۾ وٺي سگهن ٿا. هن چيو ته تعليم، صحت ۽ معيشت جي بهتري ??اء?? هزاريه ترقياتي هدف اهم آهن، غربت، عدم برابري، بهتر دنيا ۽ خوشي جي ??اء?? ايس ڊي جيز اهم آهن. هن چيو ته اسان عوام جا نمائندا آهيون اهي پ??هنجي مسئلن جي حل ??اء?? اسان طرف ڏسي رهيا آهن، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي ??اء?? اسان کي فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آه??، اسان کي هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪرڻو ??هي، پنهنجي تجربن مان هڪ ٻئي کي فائدو کڻڻو ??هي. هن چيو ته هتان جڏهن اسان پنهنجي ملڪن ۾ وڃون ته ايس ڊي جيز جي هدفن تي عملدرآمد ??اء?? ڀرپور ڪردار ادا ڪريون، هو اسان جي حڪومتن جي بجيٽ جي منظوري ۽ ترجيحن ۾ اولين حيثيت رکندڙ هجڻ گهرجي.