آستانه – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس گڏيل اقصادي ڪميشن جو ايندڙ اجلاس جلد کان جلد منعقد ڪرڻ ۽ ان جي ??يروي کي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ??نه?? سان ٻطرفي اقتصادي رابطن کي سگهه ملندي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف آستانه ۾ سيڪا جي ڇهين سربراهي اجلاس جي ??وقعي تي بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن جاري ٻطرفي تعاون جو جائ??و ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر لوڪا شينڪو چيو ??ه بيلاروس ماحولياتي تبديلي جي ??تيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ پاڪستان ۾ غيرمعمولي تباهي مچائي ۽ بيلاروس متاثرين جي بحالي جي ??اءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو. وزيراعظم پاڪستان ۽ بيلاروس جي ??چ ۾ تعاون جي سمورن ممڪن شعبن ۾ رابطن کي سگهه ڏئي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان بيلاروس گڏيل اقتصادي ڪميشن جو ايندڙ اجلاس جلد کان جلد منعقد ڪرڻ ۽ ان جي ??يروي کي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ??نه?? سان ٻطرفي اقتصادي رابطن کي سگهه ملندي. علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ٻنهي اڳواڻن امن، استحڪام ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل خواهش کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن ان کان اڳ 15 سيپٽمبر 2022ع تي ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي ??وقعي تي ملاقات ڪئي هئي. هڪ مهيني ۾ ٻه ڀيرا قيادت جي سطح تي ڳالهه ٻولهه مختلف شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌائڻ جي ??اءِ ٻنهي طرفن جي گهري خواهش جي عڪاسي ڪري ٿي.