اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ??يپلزپارٽي چ??ئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چ??و آهي ته پاڪستان جو واحد پرڏيهي وزير آهيان جيڪو پنهنجي ٽڪيٽ پاڻ خريد ڪريان ??و ۽ هوٽل جو بل به پاڻ ئي ادا ڪريان ??و. پريس ڪانفرنس دوران سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته آئون پنهنجي ٻاهرئين ملڪن جي خرچن جو بار قومي ناڻي تي نٿو وجهان. جيڪڏهن ائين ڪريان به ٿو ته بطور پرڏيهي وزير منهنجو استحقاق آهي. پرڏيهي وزير چيو ته منهنجي ٻاهرئين ملڪ دورن جو فائدو منهنجي ذات کي نه پر پاڪستان جي عوام کي ٿيو آهي. سندس محنت جي ڪري پاڪستان ??يٽف جي گري لسٽ مان ??اهر نڪتو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته سندس دورن جي ڪري پاڪستان کي معاشي فائدا حاصل ٿيا آهن. پاڪستان ??ن وقت جي 77 يعني پوري دنيا جي اسرندڙ ملڪن جي اتح??د جي قيادت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان ڪوپ 27 ۾ تباهي جي ازالي کي ايجنڊا ۾ شامل ڪرايو جيڪا پاڪستان سميت سمورن اسرندڙ ملڪن جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته توهان اسان جي جي 77 سڌارن جي دستاويز کي پڙهو. دنيا جي سمورن اسرندڙ ملڪن مطالبو ڪيو آهي ته عالمي فنانشل ادار?? امير ملڪن بدران غريب ملڪن کي فائدو ڏين.