اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي وارثن سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ تعزيت جو اظ??ار ڪندي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي 14 ڊسم??ر تي ميران شاهه ۾ خودڪش حملي ۾ شهيد ٿيندڙ حوالدار محمد عامر، 4 ڊسم??ر تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپا??ي ناصر خان ۽ 26 نوم??ر تي لڪي مروت ۾ شهيد ٿيندڙ نائب صوبيدار قاسم خان ۽ حوالدار محمد چنگيز چغتائي جي پونيئرن سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ تعزيت ڪئي. هن 30 نوم??ر تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ حوالدار پروش خان جي والده پڻ سان فون تي تعزيت جو اظ??ار ڪيو. صدر شهيدن کي انهن جي خدمتن تي خراج تحسين ۽ م??ڪ جي لاءِ جان قربان ڪرڻ تي سلام پيش ڪيو. هن شهيدن جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظ??ار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.