اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ٿي. گڏيل عرب امارات جي صدر 2 بلين آمريڪي ڊالر جي موجوده قرض کي رول اوور ڪرڻ ۽ هڪ بلين آمريڪي ڊالر اضافي قرض فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ۾ مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪ??دي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ هر سطح تي ٻطرفي مٽاسٽا ۽ باقاعده ڳالهه ٻولهه جي اه??يت تي اتفاق ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف يو اي ا?? جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ??ه ڏني، جنهن تي هن رضام??دي ظاهر ڪئي، دوري جي تاريخن جو فيصلو سفارتي ذ??يعي ڪيو ويندو.