اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي هائوسنگ ۽ تعميراتي شعبي ۾ ماحول دوست ۽ پائيدار تعميراتي طريقن کي اختيار ڪرڻ سميت توانائي ۽ محدود قدرتي وسيلن جي تحفظ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عمارتن ۽ گهرن جي تعمير جو بنيادي مقصد معاشري جي سمورن طبقن بشمول غريب ۽ پٺتي پ??ل ماڻهن کي باوقار ۽ سستي زندگي فر??هم ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف آرڪيٽيڪٽس پاڪستان (آءِ اي پ??) ايڪسپو 2023ع کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آءِ اي پ?? چيئرمين سعد محمود خان، آءِ اي پ?? راولپنڊي/ اسلام آباد چيپٽر جي چيئرمين فواد سهيل ملڪ، آرڪيٽيڪٽس، گريجوئيٽس ۽ هائوسنگ اينڊ ڪنسٽرڪشن انڊسٽري جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ان کان اڳ صدر تعميراتي مواد جي نمائش 2023ع جو افتتاح ڪيو. صدر ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته فن تعمير جو نظم ۽ ضبط ??هم آهي ڇو ته اهو تعميراتي صنعت کي بنياد فر??هم ڪري ٿو ۽ ماڻهن کي معياري ۽ جمالياتي لحاظ کان خوشگوار رهائش فر??هم ڪري ٿو. هن چيو ته عمارتن کي ان بلٽ مڪينزم سان ڊيزائن ڪيو وڃي ته جيئن انهن کي معذور ماڻهن جي لاءِ دوستاڻو بڻائي سگهجي ۽ ان سان گڏوگڏ ڇتين کي ڀاڄين جي پ??کيءَ ۽ هريالي جي خاطر استعمال جوڳو بڻايو وڃي، ان کانسواءِ گرين انرجي فر??هم ڪرڻ جي لاءِ سولر پينلز پڻ لڳايا وڃن. صدر چيو ته سرڪاري شعبي پاران تعميراتي ۽ ترقياتي سرگرميون معاشي سرگرمين کي وڌائڻ ۾ ??هم ڪردار ادا ڪن ٿيون جنهن سان صنعت جي ترقي ۽ ماڻهن کي روزگار فر??هم ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. هن مغل حڪمرانن ۽ شير شاهه سوري جا مثال پيش ڪيا جن رستن، عمارتن، يادگارن ۽ ٻين عوامي جاين جي تعمير ۾ عوام جو پئسو لڳايو جنهن ننڍي کنڊ جي خوشحالي ۾ ??هم ڪردار ادا ڪيو. صدر چيو ته پلاٽن ۽ عمارتن جي خريداري ۾ وڏي پئماني تي سرمايو لڳائڻ جي رجحان ڪاروبار، واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ بدران ان جي گردش کي روڪيو ۽ ملڪ ۾ معاشي ۽ مالياتي سرگرمين کي سست ڪيو. هن چيو ته عمارتن ۽ گهرن جي تعمير جو بنيادي مقصد معاشري جي سمورن طبقن بشمول غريب ۽ پٺتي پ??ل ماڻهن کي باوقار ۽ سستي زندگي فر??هم ڪرڻ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پلاٽن ۽ عمارتن جي خريداري ۽ تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ڪاري ڌن جي استعمال جي ڇنڊڇاڻ ۽ ان جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي، ان سان گڏوگڏ ڪاري ڌن جي استعمال کي روڪڻ جي لاءِ نظام کي به مضبوط ڪرڻ گهرجي. صدر ان ڳالهه تي حيرانگي جو اظهار ڪيو ته اٽڪل 13 ارب ڊالر جي پاڪستاني دولت کي بلاڪ ڪري سائبر ڪرنسي ۾ سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي جنهن سان معيشت انتهائي ضروري ليڪويڊيٽي کان محروم ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪاري ڌن کي معيشت ۾ آڻڻ جي لاءِ بار بار ايمنسٽي اسڪيمن جو اعلان ڪيو ويندو رهيو آهي پر اهڙين اسڪيمن بدران دولتمندن تي ٽيڪس هڻڻ ۽ پوري غيررسمي معيشت کي رسمي معيشت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ موثر نظام جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مالي ۽ اقتصادي مشڪلاتن تي ضابطو آڻي سگهجي. صدر چيو ته پاڻي هڪ قيمتي شيءَ آهي، پاڪستان کي موسمي نظام جي ذريعي وڏي مقدار ۾ پاڻي ملي ٿو جنهن کي محفوظ ڪرڻ ۽ ان جي موثر استعمال جي ضرورت آهي. هن تجويز ڏني ته سمورين عمارتن کي برسات جي پاڻي کي استعمال ڪرڻ ۽ محفوظ ڪرڻ جي لاءِ ڊيزائن ڪرڻ گهرجي ته جيئن پاڻي ذخيرن کي ري چارج ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڻي جي محدود مقدار کي سمنڊ ۾ ڇڏڻ جي اجازت ڏني وڃي جڏهن ته باقي پاڻي کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي. هن سمنڊ ۾ زهريلي ڪيميڪلز، آلودگي ۽ ڪچري جي اخراج کي روڪڻ جي لاءِ هر صنعت ۾ پاڻي صاف ڪرڻ ۽ سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس هڻڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ڇو ته ان سان آبي نباتات ۽ آبي مخلوق تي منفي اثر پئجي رهيا آهن. صدر چيو ته پاڪستان ۾ سرڪاري زمين تي اڳ ۾ قبضا، ان تي غيرقانوني تعميرات ۽ بعد ۾ مختلف طريقن سان ريگيولرائيز ڪرڻ جو رجحان آهي. هن چيو ته ان غيرقانوني تعميرات جي روڪٿام لاءِ ان رجحان کي روڪڻ ۽ ان جي حوصلا شڪني جي ضرورت آهي. آرڪيٽيڪٽ سعد محمود خان ان موقعي تي چيو ته آءِ اي پ?? مختلف شهرن ۾ تقريبون منعقد ڪرڻ ۾ ڪافي سرگرم رهي آهي جنهن ۾ ڪانفرنسز، سمپوزيم، ورڪشاپس ۽ ليڪچرز کانسواءِ عالمي آرڪيٽيڪچرل نمائشون منعقد ڪرڻ پڻ شامل آهي ته جيئن حڪومتن ۽ عوام کي ماحوليات، آرڪيٽيڪچرل ايجوڪيشن، پائيدار عمارت جي طريقي، بلڊنگ بائي لاز ۽ سٽي پ??اننگ جي مسئلن تي آگاهه ڪري سگهجي.