ڪراچي – 17 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيئي ڀٽو جي نعرن سان گونجندڙ ڪراچي ۽ حيدرآباد نفرت جي سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، عوام ووٽ جي طاقت سان نام نهاد مقبول اڳواڻن جو پول به کولي ڇڏيو، ??لد??اتي چونڊن کانپوءِ ثابت ٿي ويو آهي ته پيپلزپارٽي سنڌ جي شهري ۽ ڳوٺاڻن علائق?? جي واحد سڀ کان وڏ?? پ??رٽي آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عوام جا ٿورا مڃان ٿو ته انه?? جيالي اميدوارن کي ووٽ ڏئي چونڊيو. بلاول هائوس پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اليڪشن ڪميشن پاران ??لد??اتي چونڊ?? جي نتيج?? جي اعلان کانپوءِ ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي وفاق جي زنجير آهي ۽ ملڪ جي سمورن طبقن تي ٻڌل ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي جي فتح سڄي ملڪ جي فتح آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ترقي لاءِ سمورين سياسي ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ، عوام جي خوشحالي جو سبب بڻجندو. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته عوام پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي چونڊي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. جيئي ڀٽو جي نعرن سان گونجندڙ ڪراچي ۽ حيدرآباد نفرت جي سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ??لد??اتي چونڊون کٽيندڙ سڀني جيالي اميدوار?? جي ذميواري آهي ته اهي عوام جي اعتماد تي پورو لهڻ جي لاءِ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪن. واضح رهي ته ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ يو??ين ڪائونسل چيئرمين پيپلزپارٽي جا ڪامياب ٿيا آهن، ٻئي نمبر تي جماعت اسلامي آهي.