اسلام آباد – 08 – ??يب??وري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته علم ۽ جديد مهارتن کي حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ نوجوانن ۾ اخلاقي قدرن ۽ همدرديءَ جي جذبن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان کي مسئلن مان ڪڍڻ جي لاءِ ملڪي قيادت کي وقت سر ۽ تيز فيصلا ڪرڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ جي شاگردن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر شاگردن کي علم حاصل ڪرڻ ۽ پاڻ کي جديد مهارتن سان ليس ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته جديد ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ روبوٽڪس وغيره ج??ڙن شعبن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. هن شاگردن تي زور ڏنو ته اهي علم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ديانتداري، اخلاقيات ۽ قدر اختيار ڪندي پنهنجي اندر معاشري جي ڪمزور طبقن جي خدمت ۽ همدرديءَ جو جذبو پيدا ڪن. صدر چيو ته ??لڪ کي معاشي ۽ مالي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ ملڪي قيادت کي وقت سر ۽ تيز فيصلا ڪرڻا پوندا. جڏهن ته ??لڪ کي تيز رفتار ترقي جي رستي تي وجهڻ جي لاءِ ديانتدار قيادت لازمي آهي. هن چيو ته ??اڪستان ۾ پرائمري سطح تي داخلائن جي شرح رڳو 68 سيڪڙو آهي جڏهن ته خطي جي ٻين ملڪن ۾ اها شرح 98 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. صدر چيو ته ??اڪستان ۾ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي.