اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آمريڪا هر قسم جي ??هش??گردي جي گڏيل خطري کي منهن ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي ڳالهه ٻولهه جي سلسلي ک?? جاري رکڻ ۽ ??هش??گردي جي خطري بابت بهتر ڄاڻ پيدا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پاڪستان – آمريڪا ??هش??گردي جي خاتمي ڊائيلاگ 6، 7 مارچ 2023ع تي اسلام آباد ۾ ٿيو. پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (يو اين اينڊ اي ڊي) سيد حيدر شاهه ڪئي جڏهن ته آمريڪي وفد جي سربراهي پرڏيهي کاتي جي ??هش??گردي جي خاتمي بابت وقتي ڪوآرڊينيٽر ڪرسٽوفر لينڊبرگ ڪري رهيو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻن ڏينهن واري ڳالهه ٻولهه ۾ گهڻ رخي فورمز تي ??هش??گردي جي خاتمي تعاون، ??هش??گردي جي خاتمي جي علائقائي منظرنامي جو جائزو، سائبر سيڪيورٽي ۽ پرتشدد انتهاپسندي جي خاتمي سميت ڪيترن ئي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ آمريڪي امداد جي منصوبن تي پُڻ غور ويچار ڪيو ويو ۽ خاص طور تي مني لانڊرنگ جي خاتمي ۽ انصاف جي شعبي ۾ صلاحيت وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ٻنهي ڌرين ??هش??گردي جي خلاف پاڪستان جي صلاحيت کي وڌائڻ ۾ انهن منصوبن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ڌرين ??هش??گردي جي مالي معاونت جي خلاف پنهنجي تجربن جي پڻ مٽاسٽا ڪئي. هنن هر قسم جي ??هش??گردي جي گڏيل خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو. هنن ان ڳالهه ٻولهه جي سلسلي ک?? جاري رکڻ ۽ ??هش??گردي جي خطري بابت ڄاڻ پيدا ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.