اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي 50 سالا گولڊن جوبلي تقريبن جي موقعي تي ڪميٽي آف هول کي خطاب ڪندي اڳوڻن ۽ موجوده سينيٽرن چيو آهي ??ه پاڪستان کي درپيش سمورن چئلينجن ۽ بحرانن جو حل قانون جي حڪمراني، ??ئين جي بالادستي ۽ جمهوريت ۾ آهي، 18 هين ترميم سميت آئين پاڪستان تي ان جي روح موجب عملدرآمد وقت جي ضرورت آهي، هر اداري کي پنهنجي حدن ۾ پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن، سينيٽ کي مالياتي معاملن ۾ به اختيار ڏنا وڃن. گولڊن جوبلي تقريبن جي ٻي ڏينهن پنهنجي خطاب ۾ جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان 1973ع جو آئين ٺاهيندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ان موقعي تي اسان کي پنهنجي خامين جي پڻ نشاندهي ڪرڻي پوندي، ??سان وٽ موجوده آئين اميد جو ڪرڻو آهي، ??ياسي پارٽين کي ميرٽ ۽ شفافيت کي فروغ ڏيڻو پوندو ۽ مافياز ۽ اي ٽي ايم مشينن کان ڇوٽڪارو حاصل ??رڻو پوندو، اڳوڻي سينيٽر جاويد عباسي چيو ته سينيٽ جي گولڊن جوبلي تقربيون منعقد ڪرڻ تي چيئرمين ۽ ٻي ٽيم کي مبارڪون پيش ڪريون ٿا، بي اين پي مينگل جي اڳوڻي سينيٽر ثناءُ الله بلوچ چيو ته پاڪستان سان جيڪي ملڪ آزاد ٿيا، ترقي ۾ پاڪستان انهن کان پوئتي رهجي ويو، سينيٽر حاجي هدايت الله چيو ته اسان جي ڪمزورين جي ڪري ٻيا ادارا اسان جي ڪم ۾ مداخلت ڪندا آهن، سينيٽر طاهر بزنجو چيو ته بنا فرق احتساب ۽ وقت سر چونڊن ذريعي ئي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍي سگهجي ٿو، اڳوڻي سينيٽر زاهد خان چيو ته سينيٽ 15 هين ترميم روڪي، ??ينيٽر سرفراز بگٽي چيو ته سينيٽ ۾ چئني صوبن جي برابر نمائندگي آهي، مشاهد حسين سيد چيو ته قائداعظم جمهوريت ۽ ووٽ جي طاقت تي يقين رکون ٿا، پاڪستان جي پارليامينٽ فلسطين جي حق ۾ دنيا جي سمورين پارليامينٽن کان وڌيڪ قراردادون منظور ڪيون، سينيٽ معاملن تي اهم ڪردار ادا ڪيو، 2003ع ۾ آمريڪا طر??ان عراق تي حملي جو فيصلو ٿيو، اسان ان جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪا قرارداد هتي پاس ٿي اها پاليسي ٺهي، 2005ع ۾ بلوچستان جي مسئلن تي هڪ اهم سنگ ميل ڪميٽي جو قيام هو، گرين ۽ ڪلين پاڪستان ڪميٽي اهم اڳڀرائي هئي، ??لاله چيڪ پوسٽ حملي کانپوءِ قومي سلامتي تي رضا رباني جي صدارت ۾ ڪميٽي جي سفارشن جي ڪري شمسي ايئر بيس بند ٿيو، آمريڪا طر??ان معذرت ڪئي وئي، ??مهوريت جو تحفظ ۽ پارليامينٽ جي بالادستي اسان سڀني جي ذميواري آهي، ??ڳوڻي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته سينيٽ جي گولڊن جوبلي تي هي ??قريبون اهم آهن، سينيٽ جي جوڙجڪ برابري جي بنياد تي ڪئي وئي، 1973ع تائين نظريه ضرورت تحت عبوري آئين رهيو، 1973ع جي آئين ۾ مولانا مفتي محمود، خان عبدالولي، ??وث بخش بزنجو، شاهه احمد نوراني جو وڏو ڪردار هو، هي ??ئين اڃان تائين قائم ۽ دائم آهي، ??ينيٽر سردار شفيق ترين چيو ته سينيٽ کي مالياتي اعتبار سان بااختيار بنائڻ جي ضرورت آهي، ??ن لاءِ سمورن سينيٽرن جي ذميواري آهي ??ه هو ڪردار ادا ڪن، سينيٽر رخسانه زبيري چيو ته اسان کي اڳتي وڌڻ جا رستا ڳولڻا پوندا، قانون تي ان جي روح موجب عملدرآمد ٿيڻ گهرجي، ??ئين تڏهن ئي ممڪن آهي ??ڏهن اسٽينڊنگ ڪميٽيون مضبوط هجن، اڳوڻي سينيٽر روزينه عالم خان چيو ته سينيٽ جي ڪميٽي جي سفارشن تي عملدرآمد جي کوٽ آهي، ??مهوريت کي هٿي ڏيڻ تي اسان سڀني جو ايمان آهي، ??ڳوڻي سينيٽر رضا محمد رضا چيو ته پاڪستان جي بحرانن جو ذميوار ڪير آهي ??ن جو تعين ٿيڻ گهرجي، ڄام مهتاب حسين ڏاهر چيو ته سينيٽ جو ڪم صوبن جي معاملن کي بحث هيٺ آڻڻ آهي پر پوائنٽ اسڪورنگ ۾ وقت برباد ڪري ڇڏيندا آهيون، هتي صوبن جي مسئلن تي بحث ۽ قانونسازي ٿئي ته صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي، ??ينيٽ جو ??م تڪرارن جو حل آهي، ??ينيٽ سان گڏ هائوس آف فيڊريشن لکيو وڃي، ??ينيٽر ثمينه ممتاز چيو ته صوبن جي احساس محرومي بدران هتي ٻيا معاملا بحث هيٺ آندا ويندا آهن، ماضي ۾ صوبن جي حقن لاءِ کنيل قمن تي فالو اپ به وٺڻ گهرجي، 18 هين ترميم تي ان جي روح موجب عمل نه ٿي رهيو آهي، ??ن تي عملدرآمد ڪميٽي ٺاهي وڃي، ??ينيٽر ڪيشو ٻائي سينيٽ جي گولڊن جوبلي تي مبارڪون ڏيندي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي عظيم آئين ڏيڻ تي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا.