اسلام آ??اد – 01 – مئي (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف برساتن جي صورتحال تي وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي الرٽ رهڻ ۽ شهرين جي مدد جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عوام ??ي جان ۽ مال جو تحفظ اولين ترجيح آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز کي صورتحال جي ڪڙي نگراني جي هدايت ڪئي آهي. وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته وفاقي ادارا صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي حصيداري عمل سان ڪم ڪن، جتي جنهن شيءَ جي ضرورت هجي، عوام جي تحفظ ۽ مدد جي لاءِ فراهم ڪئي وڃي ۽ جتي ضرورت آهي اتي عوام کي فوري محفوظ علائقن ۾ منتقل ڪيو وڃي. وزير??عظ?? نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي بين الصوبائي قومي رستن جي مانيٽرنگ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. وزير??عظ?? لسٻيلا ۾ ڪوئيٽا ڪراچي رستي ۽ بولان ۾ ڪوئيٽا سبي رستي تي ٽريفڪ جي رواني ۽ عوام جي سهولت لاءِ موثر انتظام يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته مختلف رستن ۽ متاثر علائقن ۾ عوام کي خبردار رکيو وڃي. وزير??عظ?? چيو ته عوام ??ي جان ۽ مال جو تحفظ اولين ترجيح آه??. ب??ساتن جي صورتحال ۾ شهري خدمتن جا سمورا ادارا الرٽ رهن، قومي جذبي ۽ ذميواري جي احساس سان ڪم ڪن. وزير??عظ?? عوام کي به اپيل ڪئي ته موسمي شدت جي صورتحال ۾ احتياطي تدبيرون اختيار ڪن ۽ حڪومتي ادارن سان تعاون ڪن.