ڪوئيٽا – 31 – مئي (اي پي پي) خا??ون اول بيگم ثمينه عارف علوي ڪوئيٽا ۾ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر، فزيو ٿراپي انسٽيٽيوٽ ۽ دارالامان جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سوشل ويلفيئر سيڪريٽري عمران خان انهن ادارن جي ڪارڪردگي، معذورن جي ڀلائي ۽ خصوصي ??اڻ??ن کي معاشري ۾ ??اع??ت روزگار فراهم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن بابت ٻڌايو. ثمينه عارف علوي ووڪيشنل سينٽر ۾ ڪمپيوٽر، موبائيل ريپئرنگ، فوٽوگرافي، فزيوٿراپي جي تربيت ۽ دارالامان ۾ حڪوم?? پاران انهن کي ??اع??ت روزگار فراهم ڪرڻ جي قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته بلوچستان صوبي جي معذور ??اڻ??ن ۽ يتيمن ۽ بيواهن کي معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن وسيلا ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سوشل ويلفيئر کاتو اهڙي طرح معذور ۽ لاچار ??اڻ??ن جي ڀلائي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ان موقعي تي خا??ون اول بيگم ثمينه عارف علوي خصوصي ??اڻ??ن ۽ بيواهن سان ملي ۽ انهن جا مسئلا معلوم ڪيا.