اسلام آباد -03 جون (اي پي پي)اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته وز??راعظم محمد شهباز شريف سان ليمڪ هولڊنگ بورڊ جي سربراهه ايبر?? اوزدمير جي ترڪيه ۾ ملاقات ڪئي ۽ ملڪ ۾ تعميراتي انفرااسٽرڪچر ۽ توانائي جي ش??بن ۾ دستياب موقعن جي ڳولا باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته ان سلسلي ۾ ليمڪ هولڊنگ بورڊ جي سربراهه ايبر?? اوزدمير پاڪستان ۾ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن سان سڌو سنئون ڳالهين لاءِ جلدي پاڪستان جو دورو ڪندي. اطلاعات واري وز??ر چيو ته ان جي دوري جو مقصد پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۾ سهڪار لاءِ گڏيل منصوبن کي حتمي شڪل ڏيڻ آهي. وز??راعظم شهباز شريف سان ترڪيه ۾ ملاقات دوران ايبر?? اوزدمير گلوبل انجنيئرنگ گرلز (جي اي جي) پراجيڪٽ جي حوالي سان تفصيلن جي ڏي وٺ ڪئي. گلوبل انجنيئرنگ گرلز پراجيڪٽ نيڪسٽ جنريشن بابت عورت انجنيئرز، ڇوڪرين ۽ عورتن جي تعليم، رهنمائي ۽ ڪيريئر جا موقعا فراهم ڪرڻ جو منصوبو آهي. اطلاعات واري وز??ر چيو ته پاڪستان ۾ هي منصوبو تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي انجنيئرنگ ۽ رياضي ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين کي تجربو فراهم ڪندو ۽ کين پنهنجو مستقبل بهتر بڻائڻ جي قابل بڻائيندو.