بغداد – 06 – جون (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي ٽن ڏينهن ج?? سرڪاري دوري جي موقعي تي عراقي گهرو وزير عبدالامير الشمري سان بغداد ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آف??س موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ لاڳاپن جي سمورن رخن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي و??ي. پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري ۽ عراقي گهرو وزير عوامي لاڳاپن ۾ اضافي جي لاءِ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستاني زائرين ۽ واپاري برادري جي لاءِ عراقي ويزا ۾ آساني تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي.