اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سا??ونڊي طوفان جي نتيجي ۾ ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ تياريون ڪري ورتيون آهن، ماڻهن کي سا??ونڊي علائقن مان محفوظ جاين تائين منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي صورتحال جي نگراني ڪندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سا??ونڊي طوفان بپرجوائي جي ڪيٽي بندر سا?? ٽڪرائڻ جي امڪانن جي ڏس ۾ سمورا لاڳاپيل حڪومتي ادارا ماڻهن جي اڳواٽ ريسڪيو کي يقيني بڻائي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته هن هدايت ڪري ڇڏي آهي ته سا??ونڊي علائقن ۾ رهندڙ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي حفاظتي جاين تائين پهچايو وڃي جتي انهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ خوراڪ سا?? گڏوگڏ طوفان جي خاتمي تائين رهائش ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن چيو ته بپرجوا??ي سان پيدا ٿيندڙ امڪاني هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ موسمياتي تبديلي واري وزير جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي ۾ لاڳاپيل وفاقي وزير ۽ وفاقي ۽ صوبائي ادارن جا نمائندا شامل آهن جيڪي مسلسل ان طوفان جي نگراني ڪري ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ 24 ڪلاڪ رابطو بحال رکندا. هن چيو ته ڪراچي ۾ به برس??تن ۽ تيز هوائن جي نتيجي ۾ ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال جي ل??ءِ تياري ڪئي وئي آهي جڏهن ته سا??ونڊي مُهاڻن ۽ سا??ونڊي علائقن تي آبادي جو انخلا تيزي سا?? جاري آهي، الله تعاليٰ هن قومي ڪوشش سا?? اسان کي پنهنجي شهرين کي ان طوفان جي نقصانن کان محفوظ رکندو.