اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هُو گڏيل قومن جي سلامتي ??ائونسل جي قراردادن موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمي?? جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته هلندڙ هفتي جي شروع ۾ عالمي برادري پناهگيرن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو. اهو ڏينهن ڪشميرين جي مصيبتن جي ياد ڏياري ٿو جن کي پنهنجي سرزمين تان بيدخل ڪري جلاوطني جي زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو آهي. هن چيو ته ڪشميرين کي تشدد، ????م ۽ ڏا?? ۽ ??نساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ويو. ڄمون ۽ ڪشمير جا هزارين ماڻهو بي گهر زندگي گذاري رهيا آهن ۽ پنهنجي وطن واپس وڃڻ کان قاصر آهن. ترجمان چيو ته ڀارت کي پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خوف، ظ??م ۽ ڏاڍ جي ماحول کي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ ڪشميري عوام جي زندگين ۾ امن آڻڻ گهرجي.